سنڌ ۾ پريميئر ليگ: ڪهڙي ٽيم ۾ ڪير شامل؟ تفصيل سامهون اچي ويا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ شيڊيول سنڌ پريميئر ليگ ( پي ايس ايل ) جي پهرين ايڊيشن لاءِ تياريون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن، ايونٽ ۾ شامل تمام ٽيمن سنڌ جي ايمرجنگ رانديگرن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي.
ڪراچي غازيز تيمور مصطفيٰ، عديل ميئو، حزيفا منير، فهد منير ۽ عبدالمعذ کي ٽيم جو حصو بڻايو آهي.
بينظير آباد لعلز عمر اعجاز، متيب احمد، سعد آصف، وهاب حسن ۽ دانيال احمد کي سليڪٽ ڪيو آهي جڏهن ته ميرپور خاص ٽائيگرز عاصم، حمزا سجاد، فارس فيصل ۽ محمد يعقوف کي ٽيم ۾ شامل ڪيو آهي.
لاڙڪانا چئلينجرز طرفان ميت راجا، سيد فهد، عمر سلطان، شاهه زر صديقي ۽ شهريار رضوي کي چونڊيو ويو آهي، جڏهن ته سکر پيٽريٽز ۾ مظهر علي، بلال احمد، علي عباس، جنيد ۽ مخمور علي جهڙا نوجوان رانديگر موجود آهن.
ان کانسواءِ حيدرآباد بهادرز حسيب الرحمان، ارباز خان، حمزا شاهه، آصف علي، ڪاشف علي ۽ سمير خان کي پنهنجي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو آهي.
پي ايس ايل لاءِ چونڊيل سمورا رانديگر ايونٽ لاءِ پرجوش آهن، سندن چوڻ آهي ته سنڌ پريئميئر ليگ صلاحيتون ڏيکارڻ جو بهترين موقعو آهي، ليگ مان تجربو حاصل ٿيندو، بهترين پرفارمنس ڏئي سليڪٽرن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪندا.
واضح رهي ته سنڌ پريميئر ليگ 25 جنوري کان ڪراچي ۾ شروع ٿيندو، ايونٽ جو فائنل پنج فيبروري تي ٽورنامينٽ جي ٻن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.