اڏامندڙ جهاز کي باهه لڳي وئي، وڊيو وائرل

آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ اٽلس ايئر جي ڪارگو جهاز ۾ ٽيڪ آف ڪرڻ کان پوءِ هوا ۾ باهه لڳي وئي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب باهه لڳڻ کان پوءِ احتياطي قدم کڻندي ڪارگو جهازن کي ميامي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ ڪرائي وئي.

اٽلس ايئر پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ته جهاز جي هڪ انجڻ ۾ باهه لڳي هئي جنهن کان پوءِ ان جي هنگامي لينڊنگ ڪرائي وئي.

ڪارگو ڪمپني وڌيڪ ٻڌايو ته انجڻ ۾ باهه لڳڻ جي معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي جنهن ۾ واقعي جا سبب ڄاڻي سگھبا.

سوشل ميڊيا تي ان واقعي جي وڊيو به وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هوا ۾ اڏامندڙ جهاز جي هيٺين حصي ۾ لڳل باهه کي ڏسي سگھجي ٿو.

ميامي ايئرپورٽ جي انتظاميا موجب واقعي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع نه آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.