آمريڪا جو چنڊ تي لهڻ لاءِ روانو ڪيل مشن سمنڊ ۾ ڪِري تباهه

5 ڏهاڪن کان پوءِ چنڊ تي لهڻ لاءِ روانو ڪيل آمريڪا جو پهريون خلائي مشن سمنڊ ۾ ڪِري ختم ٿي ويو.
50 سالن کان وڌيڪ عرصي کان پوءِ پهريون ڀيرو آمريڪا گذريل هفتي اهڙو خلائي مشن روانو ڪيو هو جنهن کي چنڊ تي لهڻو هو، اهو مشن آمريڪا جي سرڪاري خلائي اداري ناسا بدران يونائٽيڊ لانچ الائنس نالي خانگي ڪمپني روانو ڪيو هو.
ان مشن جو نقالو پيريگرين ون هو جنهن ۾ ڪجهه ٽيڪنيڪي خراب ٿي ۽ اهو ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ڪِري تباهه ٿي ويو.
پيريگرين ون جا سگنل ڪٽجڻ جي تصديق آسٽريليا جي راڄڌاني ڪينبرا جي ٽريڪنگ اسٽيشن ڪئي آهي.
مشن جو مقصد
آسٽروبائيوٽڪ (قمري ۽ سيارن جي مشن لاءِ خلائي روبوٽڪس ٽيڪنالاجي تيار ڪندڙ آمريڪي ڪمپني) جو مقصد چنڊ جي سطح تي ناسا جا پنج اوزار پهچائڻ هو ته جيئن هن ڏهاڪي جي آخر ۾ خلابازن جي واپسي کان اڳ مقامي ماحول جو مطالبو ڪري سگھجي.
جيڪڏهن پيريگرائن ڪرافٽ لهڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ها ته اهو اڌ صديءَ ۾ ائين ڪندڙ پهريون آمريڪي مشن بڻجي وڃي ها ۽ اهو ڪارنامو انجام ڏيندڙ پهريون نجي منصوبو هجي ها.
ان کان اڳ اڄ تائين رڳو آمريڪا، سويت يونين، چين ۽ ڀارت چنڊ تي لينڊنگ ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.