”اڃا تائين يهودي لابي عمران خان کي سپورٽ ڪري رهي آهي“

ڊيرا اسماعيل خان ( ويب ڊيسڪ ) جمعيت علماءَ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ايران پاڪستان پاڙيسري آهن، هنيئر به وقت آهي منفي قدم نه کڻڻ گهرجي.
ڊيرا اسماعيل خان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته نواز شريف ۽ سندس خاندان سان به ظلم ڪيا ويا، پي ٽي آءِ لفاظي کان سواءِ ڪو ڪم ناهي ڪيو.
سندس چوڻ هو ته هاڻ به اولهه ۾ يهودي لابي پي ٽي آءِ باني کي سپورٽ ڪري رهي آهي، تحريڪ انصاف شروع کان ئي پاڪستان ۾ نه هجڻ گهرجي ها، اولهه جي نوڪري ڪيو پر پاڪستان جا مفاد ته نه کپايو، هو ڪوڙا آهن، هو پاڪستان سان گڏ نه خلاف بيٺا آهن.
مولانا فضل الرحمان اِهو به چيو ته پي ٽي آءِ باني چوندو هو ته ووٽ بعد آهي قانون جي اهميت پهريان آهي ۽ هاڻي ووٽ جي اهميت پهريان ۽ قانون جي اهميت پوءِ ڪيئن ٿي وئي.
پاڪ-ايران ڇڪتاڻ ببات ڳالهائيندي هن چيو ته ايران، پاڪستان پاڙيسري ملڪ آهن، هنيئر به وقت آهي اسان کي منفي قدمن کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.