اي آءِ ٽيڪنالاجي ايندڙ 5 سالن ۾ ماڻهن جون زندگيون تبديل ڪري ڇڏيندي!

مائڪرو سافٽ جو شريڪ باني بل گيٽس ڊگھي عرصي کان آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) کي اهم قرار ڏئي رهيو آهي، پر هاڻي هن اڳڪٿي ڪئي آهي ته اها ٽيڪنالاجي ايندڙ 5 سالن ۾ هر فرد جي زندگي تبديل ڪري ڇڏيندي.
اي آءِ ٽيڪنالاجي جي عروج مان اهي خدشا پيدا ٿين ٿا ته سڄي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو پنهنجين ملازمتن کان محروم ٿي سگھن ٿا ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ آءِ ايم ايف چيو هو ته اي آءِ ٽيڪنالاجي سان سڄي دنيا ۾ 40 سيڪڙو ملازم متاثر ٿي سگھن ٿا.
بِل گيٽس به ان خيال کي رد نٿو ڪري پر سندس مڃڻ آهي ته هر نئين ٽيڪنالاجي مختلف خدشن سان سامهون ايندي آهي، پر پوءِ نوان موقعا اڀري ايندا آهن.
هڪ انٽرويو دوران بل گيٽس اڳڪٿي ڪئي ته اي آءِ ٽيڪنالاجي هر فرد جي زندگي کي سولو بڻائيندي، خاص طور تي ڊاڪٽرن پنهنجي پيپر ورڪ ۾ گھڻي مدد ملندي.
هن چيو ته ان ٽيڪنالاجي جي لاءِ ڪنهن نئين ڊوائيس تيار ڪرڻ جي ضرورت نه آهي پر اوهان موجودا فون يا ڪمپيوٽر تي ئي ان کي استعمال ڪري سگھو ٿا.
سندس چوڻ هو ته ان ٽيڪنالاجي کي تعليم يا صحت جي شعبن جو حصو بڻائڻ زبردست هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.