برونائي جي شهزادي جي پُرڪشش ڄَڃَ، دنيا جي مهانگي ترين شادي

برونائي جي شهزادي عبدالمتين 10 ڏينهن تي ٻڌل شاهاڻي شادي جي تقريبن ۾ پنهنجي پراڻي ساٿڻ انيشا روسنا سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو.
شهزادي عبدالمتين هڪ شاهي مشير جي ڏوهٽيءَ سان شادي ڪئي آهي.

Prince Mateen of Brunei’s royal bride dazzles in luxurious wedding attire
ميڊيا رپورٽس موجب ايشيا جي پرڪشش ڪنوارن مردن جي لسٽ ۾ شامل شهزادي عبدالمتين جي زال سياحتي ۽ فيشن ڪمپني جي مالڪڻ آهي.
شهزادي جون شادي تقريبون سلطان جي سرڪاري رهائش گاهه ۽ دنيا جي سڀ کان وڏي رهائشي محل نورالايمان ۾ ٿيون، جنهن ۾ 1788 ڪمري ۽ 257 باٿ روم شامل آهن.
شهزادي عبدالمتين ۽ انيشا روسنا جي 10 ڏينهن واريون شادي تقريبون روايتي، مذهبي، عوام ۽ سيڪيولر تقريبن تي ٻڌل هيون. شاهي شادي ۾ 5000 مهمانن شرڪت ڪئي جنهن ۾ انڊونيشيا جو صدر ڪوويدودو، فلپائن جي اڳواڻ فرڊينينڊ مارڪوس جونيئر، اردن ۽ سعودي عرب جي شاهي خاندان به شرڪت ڪئي.

Prince Abdul Mateen and Yang Mulia Anisha Rosnah during their wedding ceremony. Photo: RTB Go

شاهي شادي جي ڏينهن شهزادي پنهنجي ڪنوار کان ڌار پهريان محل ۾ پهتو جتي کيس 17 توپن جي سلامتي ڏني وئي ان موقعي تي 40 سپاهين جو جٿو به هن سان گڏ موجود هو، ان کان پوءِ شهزادي جي ڪنوار به شاهي محل پهتي جتي انهيءَ انداز ۾ هن کي به سلامتي پيش ڪئي وئي ٻنهي کي بادشاهه ۽ ملڪه سڀ کان پهريان ڀليڪار چيو.
شاهي شادي جي ڏينهن شهزادي رسمي يونيفارم جڏهن ته سندس ڪنوار ڊگھي اڇي خوبصورت گائون ۽ زيورن جي چونڊ ڪئي.

Prince Mateen of Brunei’s royal bride dazzles in luxurious wedding attire
شادي جي ڏينهن راڄڌاني بندر سيري بيگوان جي روڊن تي جوڙي جي هڪ جهلڪي ڏسڻ لاءِ هزارين ماڻهن جو هجوم ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين گڏ ٿيو، گھوٽ ڪنوار رولز روئس گاڏي مان هزارين ماڻهن کي هٿ لوڏيندي پهريون ڀيرو ماڻهن جي سامهون آيا.

Hoàng tử Brunei chia sẻ khoảnh khắc nổi bật trong đám cưới
واضح رهي ته 31 ڊسمبر تي شهزادي عبدالمتين پنهنجي مڱڻي جو اعلان انسٽاگرام پوسٽ ذريعي ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.