اتر ڪوريا پاڻي جي اندر جوهري هٿيار کڻي ويندڙ ڊرون جو تجربو ڪري ورتو

پيانگ يانگ (ويب ڊيسڪ) اتر ڪوريا سمنڊ اندر جوهري هٿيارن جي سسٽم جي ٽيسٽ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
اتار ڪوريا جي سرڪاري ميڊيا موجب آمريڪا، ڏکڻ ڪوريا ۽ جپان جي فوجي مشقن جي جواب ۾ پاڻي ۾ جوهري هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکندڙ ڊرون جي ٽيسٽ ڪئي آهي جنهن کي هيئل 5-23 جو نالو ڏنو ويو آهي.
رپورٽ موجب اتر ڪوريا ان کان اڳ به ان قسم جي ٽيسٽ ڪئي هئي پر تازي تجربي سان خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌندي.
اتر ڪوريا چوندو رهيو آهي ته هو خطي ۾ ڪنهن به وقت شروع ٿيندڙ امڪاني جنگ جي تياري جي سلسلي ۾ پنهنجي فوجي صلاحيت وڌائي رهيو آهي.
اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪِم جونگ اُن ڪجهه ڏينهن اڳ بيان ۾ چيو هو ته اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا جي ٻيهر گڏجڻ جو معاملو هاڻي ختم ٿي چڪو آهي ۽ ڏکڻ ڪوريا اسان جو سڀ کان وڏو دشمن آهي.
واضح رهي ته گذريل سال سيپٽمبر ۾ به جوهري هٿيار کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکندڙ پهرين آبدوز جي مهورت جو اعلان ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.