ايران ۾ فوجي آپريشن ماهه رنگ بلوچ کي وائکو ڪري ڇڏيو: جان اچڪزئي

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) اطلاعات بابت نگران صوبائي وزير جان اچڪزئي چيو آهي ته ايران ۾ فوجي آپريشن ۾ پاڪستاني شهرين جي مرڻ سان گم ٿيل ماڻهن جو ڊرامو رچائيندڙ ماهه رنگ بلوچ وائکي ٿي وئي آهي.
ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جان اچڪزئي چيو ته پاڪ فوج ملڪي سلامتي ۽ خودمختياري کي چئلينج ڪندڙ عنصرن کي ڀرپور جواب ڏنو.
هن چيو ته پاڪ فوج آرمي چيف جي قيادت ۾ قوم جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو آهي، ان ايڪشن ذريعي ڀارت جي دهشتگردي جو نيٽ ورڪ وائکو ٿي ويو .
هن چيو ته اسان بار بار چئي رهيا هئاسين ته گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو حل ٿي رهيو آهي، علحيدگي پسند ۽ دهشتگرد تنظيمن جا ماڻهو ايران ۽ ڀارت سان ملي پاڪستان خلاف سازشون ڪري رهيا هئا.
سندس چوڻ هوته پاڪستان ۽ خاص طور بلوچستان ۾ دشمن قوتون اندورني افراتفري ۾ ناڪامي کانپوءِ پرڏيهي مداخلت جي ڪوشش ڪري رهيون هيون، جنهن بابت مسلسل قوم کي آگاهه ڪندا رهيا آهيون.
نگران اطلاعات واري وزير چيو ته پهريان به واضح ڪيو هو ته دشمن ڪڏهن به سازشن ۾ ڪامياب نه ٿيندو، اسان هر هنڌ دشمن قوتن جو ڀرپور مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکون ٿا، ڀارت هٿن ۾ کيڏندڙ ماڻهن کي معافي ڏياري قومي ڌارا ۾ آڻي رهيا آهيون.
جان اچڪزئي چيو ته اسان بار بار چئي رهيا هئاسين ته مسنگ پرسنز جو مسئلو حل ٿي رهيو آهي، ماهه رنگ بلوچ پاڪستاني عوام کي ورغلائڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ وائکي ٿي وئي، ايران ۾ مارجي ويل دهشتگردن جا وارث اسلام آباد جي ڪيمپ ۾ موجود آهن.
جان اچڪزئي چيو ته ماهه رنگ بلوچ ۽ سندس سهولتڪار به پنهنجي قومي ادارن ۽ فورسز کي بدنام ڪرڻ ۾ شامل هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.