لاهور جي سياستدانن کان ڊڄڻ وارو ناهيان، قائد عوام ۽ شهيد بينظير جيان واعدا پورا ڪندس: بلاول

رحيم يار خان ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان لاهور جي سياستدانن کان ڊڄڻ وارا ناهيون ، چونڊن ۾ ڄمي مقابلو ڪنداسين.
رحيم يار خان ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته ڪالهه مسين مسين شينهن نظر آيو، ائين نه ٿئي اوهان جو انگ ڏسي شير واپس گهر ۾ لڪي ويهي رهي، لاهور جي سياستدانن کي پيغام آهي ته ڊڄڻ وارا ناهيون، ڄمي مقابلو ڪنداسين.
بلاول چيو ته عام چونڊن ۾ عوام ۽ پيپلز پارٽي جي فتح ٿيندي، عوام بيروزگاري ۽ مهانگائي سبب پريشان آهي، رڳو پ پ آهي جيڪا اليڪشن پنهنجي منشور تي وڙهي رهي آهي، اسان مهانگائي ۽ غربت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڏهه نڪاتي ايجنڊا پيش ڪئي آهي، حڪومت ملي ته ان تي عمل ڪندس، قائد عوام ۽ شهيد بينظير ڀٽو جيان واعدا پورا ڪندس.
هن چيو ته هڪ همراهه جيڪو وزيراعظم جنهن کي ٿيڻو هو چوندو هو پنجاهه لک گهر ٺاهيندس، اسان سنڌ ۾ گهر ٺاهي مالڪاڻا حق ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي، کين رڳو اِها ڳڻتي آهي ته ڪيئن به ڪري چوٿون ڀيرو ڪرسي تي ويهون.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هر سال هڪ 1500 ارب اشرافيا کي سبسڊي ڏني ويندي آهي، حڪومت ٺهي ته اشرافيا جي سبسدڊي ختم ڪري پئسو اوهان تي خرچ ڪندس. پهريان به بي آءِ ايس پي پروگرام آندو هو هاڻي هاري ڪارڊ آڻينداسين، اسان بينظير پورهيت ڪارڊ ذريعي مالي مدد پهچائينداسين، عورتن کي بنا وياج قرض ڏينداسين ته جيئن هو ڪاروبار شروع ڪري سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.