چاهت فتح علي خان پارٽي رجسٽرڊ ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن پهچي ويو

سوشل ميڊيا تي پنهنجي انوکي گلوڪاري سبب مشهور ٿيندڙ چاهت فتح علي خان پنهنجي جماعت رجسٽرڊ ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي آفيس پهچي ويو.
اليڪشن ڪميشن جي آفيس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چاهت فتح علي خان جو چوڻ هو ته مون کي سياست جو شوق آهي ۽ پارٽي رجسٽريشن لاءِ اليڪشن ڪميشن جي آفيس آيو آهيان.
هن چيو ته پارٽي رجسٽرڊ نه ٿي ته عدالت سان رابطو ڪندس.
سندس چوڻ هو ته ڀاڄيون ۽ ميوا مهانگا نه هجڻ گھرجن، پلاند جي سياست جو به خاتمو چاهيان ٿو.
واضح رهي ته چاهت فتح علي خان عام چونڊن ۾ به حصو وٺي رهيو آهي. هن لاهور جي قومي تڪ اين اي 128 تان پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن جيڪي هن پنهنجي اصل ناهي ڪاشف رانا جي نالي سان جمع ڪرايا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.