دماغ کي تباهه ڪري ڇڏيندڙ عام عادتون

عمر وڌڻ سان هر ماڻهو جي دماغ ۾ تبديليون اينديون آهن ۽ ذهني فعل به تبديل ٿيندا آهن.

عمر وڌڻ سان دماغ ڪمزوريءَ جو شڪار ٿيڻ لڳندو آهي ۽ ان جو نتيجو پوڙهائپ ۾ الزائمر ۽ ڊيمينشيا جهڙن مرضن جي شڪل ۾ به نڪري سگھي ٿو.

تحقيقي رپورٽن موجب عمر وڌڻ سان دماغ فعلن جي رفتار سست ٿي ويندي آهي جڏهن ته ڪجهه دماغي حضا سُسي ويندا آهن.

پر ڪجهه عادتون دماغي عمر ۾ تيزي سان اضافو ڪنديون آهن جنهن سان ذهني ڪمزوري جو خطرو وڌي ويندو آهي.

حيران ڪندڙن طور تي اهي عادتون گھڻيون عام آهن ۽ گھڻا ماڻهو انهن ڏانهن ڌيان ناهن ڏيندا.

دل جو خيال نه رکڻ

دل جي صحت سڌي ريت دماغي صحت سان سلهاڙيل هوندي آهي.

صحتمند دل دماغ لاءِ به فائديمند هوندي آهي ۽ جيڪڏهن دل دٻاءَ کي منهن ڏئي رهي هجي ته دماغ لاءِ رت جي فراهمي متاثر ٿيندي آهي.

اهڙي طرح هاءِ بلڊ پريشر جو شڪار ماڻهن ۾ به ڊيمينشيا جو خطرو وڌي ويندو آهي.

گھڻو وقت ويهي گذارڻ

گھڻو وقت ويهي ڪري گذارڻ سان دماغ جي ان حصي ۾ تبديليون ٿينديون آهن جيڪو يادداشت لاءِ گھڻو اهم تصور ڪيو ويندو آهي.

تحقيقي رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گھڻو وقت ويهي گذارڻ سان يادداشت ۾ مدد فراهم ڪندڙ دماغي حصو medial temporal lobe سنهڙو ٿي ويندو آهي.

تنهنڪري ان جو سولو حل اهو ئي آهي ته جسم کي وڌ کان وڌ حرڪت ڏيڻ جي ڪوشش ڪريو.

ورزش نه ڪرڻ

ويهي ڪري گھڻو وقت گذارڻ ڊيمينشيا جو خطرو وڌائيندو آهي ۽ اوهان هر ڪلاڪ کان پوءِ ڪجهه دير تائين پنڌ ڪندا آهيو تڏهن به اهو خطرو ناهي گھٽبو.

جيڪڏهن اوهان دماغ کي تحفظ فراهم ڪرڻ چاهيو ٿا ته ورزش ڪريو.

مطالعو نه ڪرڻ

جرنل نيورولوجي ۾ ڇپيل هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مطالعو ڪرڻ دماغي ڪمزوري جي عمل کي ريورس ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ان سان الزائمر يا ڊيمينشيا جهڙن مرضن کان تحفظ ملي سگھي ٿو.

دماغي ورزش نه ڪرڻ

ڪنهن ئين صلاحيت، ٻوليءَ يا موضوع بابت ڄاڻڻ سان دماغ جي سيلز کي فائدو ٿيندو آهي.

ان ڪري اوهان ڪنهن مشغلي کي اختيار ڪري سگھو ٿا، وچولي عمر ۾ بهتر طريقي سان سوچڻ ۾ مدد ملندي آهي.

هر نئين ڪم ۾ ڏکيائي ضرورمحسوس ٿيندي آهي پر همت نه هاريو، ڪم جيترو ڏکيو هوندو، دماغ لاءِ اوترو ئي فائديمند هوندو.

تماڪ واپرائڻ

تماڪ ۾ ڪيترائي اهڙا ڪيميڪلز هوندا آهن جيڪي دماغ لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو تماڪ واپرائڻ سان ذهني ڪمزوري ۽ ڊيمينشيا جو خطرو وڌندو آهي.

سماجي اُٿ ويهه کان پاسو

گھروارن ۽ دوستن کان پري رهڻ سان دماغي صحت تي ناڪاري اثر پوندا آهن.

هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو اهي ته دوستن يا مائٽن سان ملڻ سان دماغي فعلن ۾ ڪمزوريءَ جو خطرو 47 سيڪڙو تائين گھٽجي ويندو آهي.

ماڻهن سان ملڻ سان دٻاءُ گھٽبو آهي جڏهن ته اڪيلائپ جو احساس ختم ٿيندو آهي، اهي ٻئي عنصر دماغي ڪمزوري جي رفتار تيز ڪري ڇڏيندا آهن.

ننڊ جي گھٽائي

جڏهن اوهان ننڊ جي کوٽ جو شڪار هوندا آهيو ته دماغ لاءِ عام ڪم ڪرڻ به ڏکيو ٿي ويندو آهي.

ننڊ جي کوٽ جو شڪار ٿيڻ تي ڌيان ڏيڻ ۾ گھڻي ڏکيائي ٿيندي آهي جڏهن ته يادداشت تي به ناڪاري اثر پوندا آهن.

تنهنڪري سٺي دماغي صحت لاءِ روز 7 کان 9 ڪلاڪ ننڊ ضروري هوندي آهي.

خوراڪ جو خيال نه رکڻ

خوراڪ ۾ گھڻي سڻڀ ۽ مٺي جو استعمال دماغي فعلن لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو آهي.

ان جي ڀيٽ ۾ ميوا، ڀاڄيون، داليون، مڇي ۽ زيتون جي تيل جهڙيون مخصوص غذائون دماغ لاءِ بهترين هونديون آهن.

روز هڪ ڪوپ چانهه يا پيئڻ سان به دماغ کي فائدو ٿيندو آهي.

نوٽ:هي مضمون طبي رسالن ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، پڙهندڙ ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به مشورو ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.