اي آءِ انسانن کي ٺڳي سگھي ٿي، ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو

هڪ نئين تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جديد هٿرادو ذهانت جي ماڊلز کي ٻين اي آءِ ۽ انسان کي ٺڳڻ جي تربيت ڏئي سگھجي ٿي.
محققن هڪ تحقيق ۾ اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڇا انساني سطح جي قابليت رکندڙ چيٽ بوٽس (ڪلائوڊ سسٽم يا چيٽ جي پي ٽي) ماڻهن کي ٺڳڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ سکي سگھن ٿا نه.
تحقيق مان خبر پئي ته نه رڳو اها ٽيڪنالاجي ڪوڙ ڳالهائڻ سکي سگھن ٿا پر هڪ ڀيرو سکڻ کان پوءِ ان کي موجودا اي آءِ حفاظتي قدمن جي مدد سان روڪڻ ناممڪن هوندو.
تحقيق لاءِ ايمازون جي نالي مدد سان ڪم ڪندڙ اسٽارٽ اپ هڪ ”سليپر ايجنٽ“ بڻايو ته جيئن ان خيال کي آزمائي سگھجي. ان لاءِ ماهرن کي هڪ اي آءِ اسسٽنٽ جي ضرورت هئي جيڪو مخصوص هدايتون ملڻ تي نقصان ڏيندڙ ڪمپيوٽر ڪوڊ لکي ڏئي يا چِڙ ڏياريندڙ هدايتون ٻڌي شِر واري انداز ۾ ردعمل ڏئي.
ماهرن خبردار ڪيو ته انسانن جو هٿرادو ذهانت بابت خطرن جي حوالي سان سيڪيورٽي جو خيال هڪ غلطي فهمي آهي ڇو جو موجودا حفاظتي پروٽوڪول اهڙن روين کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت نٿو رکي.
سليپر ايجنٽ نالي ان تحقيق ۾ ڇپيل نتيجن ۾ ماهرن جو چوڻ هو ته ناڪاري تربيت انهن ماڊلز کي اهڙي لڪيل ٽريگر سڃاڻپ ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگھي ٿي جيڪا اثرائتي انداز ۾ غير محفوظ رويي کي لڪائڻ ۾ مدد ڏئي سگھي ٿي.
تحقيق جا نتيجا ٻڌائين ٿا ته هڪ ڀيرو ماڊل ٺڳيءَ جو رويو اختياري ڪري وٺي ته طئي ٿيل ٽيڪنيڪس ان کي ٺڳيءَ جي عنصر کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي سگھي ٿي ۽ اهو ماڊل تحفظ جي غلط فهمي تي ٻڌل تاثر قائم ڪري سگھي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.