ام رباب جو جاگيرداراڻي نظام خلاف جان به ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ام رباب چانڊيو چيو آهي ته سرداري نظام هڪ ناسور بڻيل آهي ۽ ان سرداري نظام لاءِ جيڪڏهن کيس جان جي قرباني ڏيڻي پئي ته هوءَ نه ڪيٻائيندي.

ڪراچي ۾ پنهنجي ڪتاب اذان انقلاب جي مهورتي تقريب ۾ عوامي آواز سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته مظلوم ام رباب کان باغي ام رباب جو سفر منهنجي لاءِ سولو نه هو، ٻڌڻ وارن لاءِ سولو آهي پر مون پنهنجي ٽن گهرڀاتين جا جنازا کنيا.

ام رباب چيو ته انقلاب اچڻ لاءِ جيڪڏهن مون کي پنهنجي جان ڏيڻي پوي ته تيار آهيان، منهنجي لاءِ اهو سودو مهانگو ناهي ته منهنجي رت سان انقلاب اچي ۽ سرداري نظام جو خاتمو ٿئي.

هن چيو ته هن ڪتاب ذريعي مون هڪ مهم ۽ تحريڪ هلائي آهي ته هن تحريڪ ۾ مظلوم طبقو شامل ٿئي ۽ گڏجي جاگيرداري نظام خلاف بيهون. چاهيان ٿي ته هر نوجوان هي ڪتاب پڙهي ۽ منهنجي حق ۾ يا خلاف راءِ ڏني وڃي ۽ ماڻهو تبصرو ڪن.

سندس چوڻ هو ته طاقتور طبقي سان مهاڏو اٽڪائڻ اوهان کي به طاقت کپي ۽ سياست کان پري رهڻ اسان لاءِ ڀوائتو ثابت ٿي سگهي ٿو، جڏهن سياست ۾ اچڻ جو فيصلو وٺڻ جي ضرورت پئي ته اهو فيصلو به ورتو ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته مون کي عدليه تي يقين آهي، 6 سالن ۾ انصاف پئلئه ناهي پيو پر پوءِ به نا اميد ناهيون ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.