مسافر عملي جي عورت کي چَڪي زخمي ڪري وڌو، جهاز جي ايمرجنسي لينڊنگ

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپان کان اڏام ڀريندڙ مسافر جهاز ۾ سوار هڪ مسافر عورت ڪيبن ڪريو کي چڪي وڌو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب اهو واقعو آمريڪا جي مسافر جهاز ۾ پيش آيو جيڪي جاپاني راڄڌاني ٽوڪيو مان 159 مسافرن کي کڻي پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿيو، جهاز ۾ سوار 55 ورهين جو آمريڪي شهري نشي ۾ ڌُت هو جنهن دوران هن جهاز عملي جي هڪ عورت کي چڪي وِڌو.

ميڊيا رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو اهي ته آمريڪي شخص عورت کي ايترو شدت سان چڪيو جو عورت جي هٿن تي ڏندن جا نشان ٺهي ويا ۽ سندس هٿ زخمي به ٿيو.

ان واقعي کان پوءِ پائلٽ جهاز کي واپس ڪري ٽوڪيو ۾ ايمرجنسي لينڊنگ ڪرائي جتي آمريڪي شهري کي پوليس جي حوالي ڪيو ويو ۽ عورت کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.