سکر (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ن ليگ انتظار ۾ هئي ته پي ٽي آءِ کان بيٽ کسجي ته ميدان ۾ اچون، چونڊون شفاف بڻائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۽ اختيار ڌڻين کي گڏجي ويهڻ گهرجي.
صحافين سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته اسان چاهيون ٿا سڀني کي ليول پليئنگ فيلڊ ملي، پي ٽي آءِ کي بيٽ نه ملي پر انهن کي پوءِ به چونڊن ۾ حصو وٺڻ گهرجي، تحريڪ انصاف پاڻ پنهنجو ڪيس صحيح طريقي سان پيش نه ڪيو.
هن چيو ته چونڊن ۾ ڪا هڪ پارٽي حڪومت نه ٺاهي سگهندي، گهٽ ۾ گهٽ ٽن پارٽين کي ملڻو پوندو، جيڪڏهن سنڌ ۾ اسان جي خلاف ڪو اتحاد به ٿيو آهي ته اهو سامهون اچي اسان اڪيلا گهمي رهيا آهيون.
سندس چوڻ هو ته هاڻ ڀلي گڏيل قومن جو ٺهراءُ ڇو نه اچي وڃي چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون، چونڊون آزاد ماحول ۾ ٿيڻ گهرجن، اليڪشن ڪميشن ۽ اختيار ڌڻين کي گڏجي ويهڻ گهرجي.
You might also like