ڌاڻن کي فرج ۾ خراب ٿيڻ کان ڪيئن بچائجي؟

ساوا ڌاڻا هر گھر جي ضرورت ۽ کاڌن جو اهم جُز به هوندا آهن جنهن کانسواءِ ڪا به ڀاڄي اڌوري تصور ڪئي ويندي آهي.

پاڻ کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ ڌاڻن جا پن جلد ڪومائجڻ لڳندا آهن جيڪڏهن اوهان انهن کي فرج ۾ به رکي ڇڏيو تڏهن به هڪ ٻن ڏينهن اندر ان جي پنن جو رنگ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ ائين ڌاڻا زيان ٿي ويندا آهن.

ڇا اوهان به سوچيندا آهيو ته اهڙو ڇا ڪيو وڃي جو ڌاڻن کي فرج ۾ رکي خراب ٿيڻ کان بچائي سگھجي؟

اڄ اسان اوهان کي ڪجهه طريقا ٻڌائي اوهان کي ان پريشانيءَ کان ڇوٽڪارو ڏياري سگھون ٿا.

ڌاڙن کي ڌوئي سُڪائي وٺو

ٿڌي پاڻي سان ڌاڻا ڌوئي انهن کي ڪنهن ڪپڙي جي مدد سان سُڪائي وٺو ان سان ڌاڻن تي لڳل مير ختم ٿي ويندي، اهو عمل ڌاڻن جي واڌو گھم کي روڪيندو آهي جنهن سان ڌاڻن جا پن خراب ناهن ٿيندا.

ايئر ٽائيڊنگ ٿيلهي جو استعمال

ڌاڻن کي ڌوئي خشڪ ڪرڻ کان پوءِ انهن کي ڪنهن ٿيلهي ۾ وجهي ڇڏيو ته جيئن ڌاڻن کي هوا نه لڳي سگھي جڏهن ته ٿيلهي ۾ موجود هوا کي به ڪڍي ڇڏيو، ائين ڪرڻ سان ڌاڻن جي گھم برقرار رهندي ۽ اهو خراب نه ٿيندا.

ٽِشو پيپر جو استعمال

ڌارڻن کي فرج ۾ رکڻ کان اڳ انهن کي خشڪ ڪري ٽشو پيپر ۾ سٺي طرح ويڙهي رکي ڇڏيو ڇو جو ٽشو پيپر گھم جذب ڪرڻ جي طور تي ڪم ڪندو آهي ۽ ڌاڻن کي خراب ٿيڻ کان بچائيندو آهي.

فرج جي در ۾ رکو

ڌاڻن کي صاف ۽ خشڪ ڪري فرج جي در ۾ رکڻ سان به ڪجه ڏينهن تائين اوهان جا ڌاڻا هلي سگھن ٿا ڇو جو فرج جي در ۾ ايتري ٿڌ نه هوندي آهي.

پاڻيءَ ۾ ڀڄائي رکو

ڌاڻن کي پاڻي ۾ ڀڄائي رکڻ سان به ڌاڻا ڪجهه ڏينهن تائين ساوا رهي سگھن ٿا، ان لاءِ اوهان اڌ گلاس پاڻي ۾ ڌاڻا وجهي ڇڏيو ۽ روز ان جو پاڻي تبديل ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.