ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ لاءِ ڪروڙن جون ليگون ڇڏي ڏنيون پر مون کي ڇا مليو؟ عمر اڪمل

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽر عمر اڪمل دعويٰ ڪئي آهي ته مان پاڪستان جي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ لاءِ ڪروڙن جون ليگون ڇڏيون.
هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي عمر اڪمل چيو ته مان پاڪستان جي ڪرڪيٽ لاءِ بگ بيش ۽ بي پي ايل جهڙيون قيمتي آڇون ڇڏيون، مون کي ان وقت انهن ڪانٽريڪٽ ذريعي هڪ لک ڊالر مطلب ڪروڙين پاڪستاني رپين جون آڇون ٿيون.
هن چيو ته مون کي سيزن جي 80 هزار ڊالرن جي آڇ به ٿي پر مان چيو ته پاڪستان لاءِ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي ته جيئن نوجوانن لاءِ سبق هجي ته مان ملڪ لاءِ وڏا ڪانٽريڪٽ ڇڏي ڏنا، جيڪڏهن مان ايڏيون قربانيون ڏنيون ته جواب ۾ مون کي ڇا مليو؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.