ملازمن کي نوڪري ڇڏڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ ڪمپني آفيس جبلن تي منتقل ڪري ڇڏي

چيني ڪمپني ملازمن کي استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ پنهنجي آفيس جبلن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏي.
چيني ميڊيا موجب، هڪ اشتهاري ڪمپني پنهنجي آفيسن کي ڏورانهين جبل واري هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن اُها ملازمن کي معاوضي کانسواءِ ڪڍي سگھي.
چين جي شهر شيان جي ڊائون ٽائون ۾ قائم اها اشتهاري ڪمپني ملازمن کي بنا معاوضي جي نوڪريءَ مان ڪڍڻ چاهي پئي.
ان سلسلي ۾ اڳوڻن ملازمن الزام هنيو آهي ته ڪمپني اهو ان ڪري ڪيو آهي ته کين ملازمن کي ڪڍڻ جو معاوضو نه ڏيڻو پوي ۽ ملازم پاڻ ئي هليا وڃن ٿا ڇو جو انهن جبلن ۾ ٽرانسپورٽ جي ڪا به سهولت نه آهي ۽ جڏهن ته اتي پهچڻ ۾ ڪيترائي ڪلاڪ لڳن ٿا.
هڪ اڳوڻي ملازم جو چوڻ هو ته کيس نئين آفيس پهچڻ لاءِ 2 ڪلاڪ سفر ڪرڻو پيو ۽ هر 3 ڪلاڪن ۾ رڳو هڪ بس هلي پئي، جنهن کانپوءِ آفيس پهچڻ لاءِ جبل تي ٽي ڪلوميٽر پنڌ ڪرڻو پيو، جڏهن ته ٽيڪسي جو ڀاڙو 8 ڊالر هو. نئين جاءِ تي بنيادي سهولتن جي به کوٽ هئي ۽ عورتن کي ويجهن ڳوٺن ۾ پبلڪ ٽوائلٽ لاءِ وڃڻو پيو، جتي رولو ڪتن جي گهڻائي هئي.
اهڙي صورتحال بابت ملازمن ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون پر انتظاميا ڪو به نوٽيس نه ورتو، جنهن کان پوءِ 20 مان 14 ملازم نوڪريون ڇڏي ڏنيون.
رپورٽن موجب ماڻهن جي نوڪريون ڇڏيندي ئي ڪمپني واپس هلي وئي، جڏهن اهو معاملو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو ته ڪمپني ان جي ترديد ڪئي ۽ اڳوڻن ملازمن کي قانوني ڪارروائي جي ڌمڪي ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.