ملڪ مان ڪلاشنڪوف ڪلچر کي ختم ڪرڻو پوندو: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته پاڪستان مان ڪلاشنڪوف ڪلچر کي ختم ڪرڻو پوندو.
سپريم ڪورٽ ۾ چوري جي الزام ۾ نامزد جوابدار ڪاشف جي ضمانت بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪئي.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جنهن جي گهر مان هٿيار چوري ٿيو، پوليس ان کان لائسنس ئي نه پڇيو، مالڪ پاڻ قرار ڏئي رهيو آهي ته 2 ڪلاشنڪوف ۽ هڪ پسٽل سميت ٻه قيمتي شيون چوري ٿيون.
چيف جسٽس چيو مون کي به آڇ ٿيندي رهي ته ڪلاشنڪوف جو لائسنس وٺو، منشيات ۽ ڪلاشنڪوف پاڪستان کي تباهه ڪري ڇڏيو، ائين ڪارا شيشا لڳائي وڏين وڏين گاڏين ۾ ڪلاشنڪوف کڻي دنيا ۾ ڪٿي به ڪير ناهي گهمندو، پاڪستان مان ڪلاشنڪوف ڪلچر کي ختم ڪرڻو پوندو.
چيف جسٽس درخواستگذار سان مڪالمو ڪندي پڇيو ته توهان وٽ ڪلاشنڪوف ڪٿان آيو؟ آءِ جي اهڙي ڪلاشنڪوف جا ڪاغذ ڏئي رهيو آهي ته ڇو ته ان خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي؟
هن چيو گهرو سيڪريٽري کي لکون ٿا ته سمورا ڪلاشنڪوف ۽ انهن جا لائسنس واپس ڪيو، اسڪول ۽ بازار وڃو ته ماڻهو ڪلاشنڪوف کڻي گهمندي نظر ايندا، ٻاهر ان ڪري نڪرندا آهن ته ماڻهن کي ڊيڄاريو وڃي ۽ پنهنجو اثر ڏيکاريو وڃي.
چيف جسٽس چيو ته اسلام آباد ۾ ڪلاشنڪوف کڻي گهرن ٻاهران گارڊ بيٺا آهن، ڪارن شيشن سان ماڻهو ڪلاشنڪوف کڻي ويندا آهن، انهن ۾ همت ناهي ته انهن کان پڇي، ڪيئن خبر پوندي ته ڪلاشنڪوف وارا دهشتگرد هئا يا ٻيا ڪي.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته بنا لائسنس جي هٿيار رکڻ ڏوهه آهي ۽ پوليس انڪوائري ۾ مالڪ کان پڇا ئي نه ڪئي وئي.
سپريم ڪورٽ جوابدار ڪاشف جي 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي ۽ سڄي ملڪ ۾ پابندي پيل هٿيارن جا لائسنس جاري ٿيڻ بابت اختيارين کان تفصيل طلب ڪندي گهرو سيڪريٽري، آءِ جيز، اٽارني جنرل ۽ صوبائي ايڊووڪيٽ جنرلز کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.