آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالاجي جو استعمال هاڻي مختلف شعبن ۾ ٿي رهيو آهي.
پر هاڻي لڳي ٿو ته اي آءِ ٽيڪنالاجي هر شيءِ جو نقل ڪري سگھي ٿي ۽ ڪجهه به ان کان محفوظ نه آهي.
سائنسدانن اي آءِ ٽيڪنالاجي کي هڪ ٻئي حيران ڪندڙ طريقي سان استعمال ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي.
گڏيل عرب امارتن جي محمد بن زايد يونيورسٽي آف آرٽيفيشل انٽيليجنس جي محققن هڪ اهڙو اي آءِ ٽول تيار ڪيو آهي جيڪو ڪنهن به فرد جي لکڻي (هينڊ رائٽنگ) جو لڳ ڀڳ درست نقل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
محققن موجب ان اي آءِ ٽول کي ڪنهن فرد جي هٿ سان لکيل ڪجهه جملا گھربل هجن ٿا جنهن کان پوءِ اهو ان جو نقل ڪرڻ جوڳو ٿي وڃي ٿو.
محققن وڌيڪ ٻڌايو ته گھڻا ماڻهو سڃاڻڻ ۾ ناڪام ٿي وڃن ٿا ته ڪهڙي لکڻي حقيقي فرد جي آهي ۽ ڪهڙي اي آءِ ٽول جي.
سندن چوڻ هو ته اسان اي آءِ ٽول جي ڪارڪردگي مان مطمئن آهيون.
واضح رهي ته اي آءِ ٽيڪنالاجي کي اڳ ئي آواز ۽ تصويرن جي نقل لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.
محققن موجب ان اي آءِ ٽول ۾ انگريزي لکڻي جي نقل تي ڌيان ڏياريو ويو آهي ۽ اڃا اهو عوام لاءِ دستياب نه آهي.
پر محققن تسليم ڪيو ته ان ٽول کي فراڊ ۽ اهڙن ئي ٻين مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگھجي ٿو.
هنن ٻڌايو ته اسان ان حالي سان گھڻا محتاط آهيون ڇو جو ان ٽول جو غلط استعمال ٿي سگھي ٿو، لکني ڪنهن فرد جي سڃاڻپ جي نمائندگي ڪندي آهي تنهنڪري عوام لاءِ ان ٽول کي متعارف ڪرائڻ جو فيصلو غور ويچار کان پوءِ ڪيو ويندو.
You might also like