لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف باني جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا.
جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾3 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، لاهور هاءِ ڪورٽ رٽرننگ آفيسر ۽ اپليٽ ٽربيونل جو فيصلو برقرار رکڻ جو حڪم ڏنو ۽ نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا.
عمران خان درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته رٽرننگ آفيسر ۽ اپليٽ ٽربيونل حقيقتن جي ابتڙ نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا هئا، تنهن ڪري عدالت اپليٽ ٽربيونل ۽ رٽرننگ آفيسر جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي.
You might also like