جنهن سان شادي ٿئي اُهو مون کان وڌيڪ خوبصورت نه هجي: يمنيٰ زيدي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا يمنيٰ زيدي چيو آهي ته هن جو ٿيندڙ جيون ساٿي خوبصورت هجي پر هن کان وڌيڪ سٺو نظر نه اچي.

تازو ئي يمنيٰ زيدي هڪ ٽي وي شو ۾ شرڪت ڪئي جتي هن پنهنجي ٿيندڙ مڙس جي خاصيتن بابت ڳالهايو.

اداڪارا ٻڌايو ته منهنجي خواهش آهي ته هو سٺي دل جو شخص هجي ۽ ذهين هجي، مون سان سندس لاڳاپا سٺا رهن ۽ مون سان محبت ڪري.

اهو جواب ٻڌي شو ميزبان اداڪارا کي چيو ته اوهان اُن جي شڪل کي ترجيح نه ڏيندئو؟ جنهن تي يمنيٰ زيدي جواب ڏنو ته هو منهنجي نظر کي سٺو لڳڻ گھرجي، آئون چاهيان ٿي ته منهنجو ساٿي مون کي سٺو لڳي پر مون کان خوبصورت نه هجي.

ان کانسواءِ شو دوران يمنيٰ زيدي پنهنجي پسنديدهه هيرو بابت چيو ته کيس هالي ووڊ اداڪار ٽام ڪروز پسند آهي، هوءَ سندس وڏي مداح آهي.

اداڪارا جي اِها وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن تي واهپيدارن پاران دلچسپ تبصرا ڪيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.