گجرات ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ديري تي ڇاپو، 18 ڄڻا گرفتار

گجرات (ويب ڊيسڪ) گجرات ۾ پي ٽي آءِ سان واسطو رکندڙ آزاد اميدوار جي ديري تي پوليس ڇاپي دوران پاڪستان ڄائي آمريڪي پوليس اهلڪار سميت 18 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.
پوليس موجب گجرات ۾ پي ٽي آءِ سان واسطو رکندڙ آزاد اميدوار مدثر مڇيانه جي ديري تي ڇاپو هنيو ويو، 18 ڄڻن کي گرفتار ڪري روڊ بلاڪ ۽ نعريبازي جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.
پوليس ٻڌايو ته گرفتار ماڻهن ۾ پاڪستان ڄائو آمريڪي پوليس اهلڪار زين چيما به شامل آهي.
زين چيما نيو يارڪ پوليس ۾ مقرر آهي ۽ موڪلون گذارڻ اباڻي گهر آيو هو، دوست سان ملڻ مدثر مڇيانه جي ديري تي ويو هو.
سول لائن ٿاڻي جي پوليس موجب گرفتار جوابدار ڀمبر روڊ بلاڪ ڪري نعريبازي ڪري رهيا هئا، مٿن ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.