پاڪستان کي لڳاتار ٽين شڪست، سيريز نيوزيلينڊ جي نانءِ

ڊونيڊن (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ لڳاتار ٽين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي 5 ميچن جي سيريز ۾ 0-3 جي فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي.
نيوزيلينڊ جي شهر ڊونيڊن ۾ پاڪستان ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ميزبان ٽيم پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 224 رنسون ٺاهيون.
نيوزيلينڊ طرفان اوپنر فن ايلن جارحاڻي بيٽنگ ڪندي 62 بالن تي 16 ڇڪن ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 137 رنسون ٺاهيون، ٽم سيفرٽ 31 ۽ گلين فلپس 19 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
پاڪستان طرفان حارث رئوف 4 اوورن ۾ 60 رنسون ڏئي ٻه وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته شاهين آفريدي، زمان خان، محمد نواز ۽ محمد وسيم هڪ – هڪ شڪار ڪيو.
جواب ۾ قومي ٽيم 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 179 رنسون ٺاهي سگهي.
پاڪستان طرفان بابر اعظم 58 رنسن سان اڳڀرو رهيو، محمد نواز 28، محمد رضوان 24، فخر زمان 19، شاهين آفريدي 16، صائم ايوب ۽ اعظم خان 10-10 رنسون ٺاهيون.
نيوزيلينڊ طرفان ٽم سائوٿي 2، ميٽ هينري، لوڪي فرگيوسن، مچل سينٽنر، اش سوڌي هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
ڪيويز ميچ ۾ 45 رنسن تان ڪاميابي ماڻي 5 ميچن جي سيريز ۾ 0-3 جي فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.