پهريون روزو ڪڏهن ٿيندو؟ تاريخ سامهون اچي وئي

سڄي دنيا ۾ مسلمان جلد رمضان جي برڪت واري مهيني لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيندا ڇو جو امڪاني شروعات جي تاريخ ۾ 2 مهينن کان به گھٽ وقت بچيو آهي.
عرب ميڊيا موجب فلڪي حساب سان سعودي عرب ۾ پهريون روزو 11 مارچ تي ٿيندو ۽ هن سال رمضان 26 سالن کان پوءِ سياري ۾ اچي رهيو آهي.
ايمريٽس آسٽرونومي سوسائٽي جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي چيئرمين ابراهيم الجروان موجب سياري جي موسم 22 ڊسمبر کان شروع ٿي جيڪا 20 مارچ تائين جاري رهندي.
مختلف ملڪن ۾ روزي جا وقت مختلف هوندا، هن سال روزي جو وقت 12 ۽ 17 ڪلاڪن کان وڌيڪ هجڻ جو امڪان آهي.
نار خطي ۽ وچ اوڀر جهڙوڪ سعودي عرب ۽ مصر ۾ روزن جي وقت جي حد امڪاني طور تي هنڌ جي لحاظ سان 13 کان 15 ڪلاڪن وچ ۾ هوندي.
ماهرن موجب سعودي عرب ۾ عيدالفطر 10 يا 11 اپريل تي ٿيڻ جو امڪان آهي.
عرب ميڊيا موجب 2031ع تائين رمضان سياري ۾ ايندو ۽ پوءِ 8 سالن تائين يعني 2039ع تائين خزان جي موسم ۾ ايندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.