ايران جو بلوچستان ۾ حملو، ٻه ٻار مارجي ويا، ايراني ناظم الامور طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي ايران طرفان پاڪستان جي فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي سخت مذمت ڪندي ايراني ناظم الامور کي پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪري ورتو.
پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي خود مختياري جي اها ڀڃڪڙي مڪمل طور تي قبولڻ جوڳي ناهي ۽ ان جا سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا، نتيجن جي ذميواري مڪمل طور ايران تي لاڳو ٿئي ٿي.
پرڏيهي کاتي موجب پاڪستان سدائين چيو آهي ته دهشتگردي خطي جي سڀني ملڪن لاءِ گڏيل خطرو آهي، جنهن لاءِ گڏيل ڪارروائي جي ضرورت آهي، اهڙيون هڪ طرفيون ڪارروائيون سٺن لاڳاپن موجب ناهن ۽ اهي ٻه طرفي اعتماد کي سخت نقصان پهچائي سگهن ٿيون.
بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان ايران طرفان پنهنجي فضائي حدن جي بنا سبب ڀڃڪڙي ۽ پاڪستاني حدن ۾ حملي جي سخت مذمت ڪري ٿو.
پرڏيهي کاتي چيو ته ايراني حملي جي نتيجي ۾ ٻه معصوم ٻار مارجي ويا ۽ 3 ٻارڙيون زخمي ٿيون، اها ڳالهه به ڳڻتي جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ رابطي جي ڪيترن ئي چئلينجن باوجود اهو غير قانوني عمل ٿيو.
پرڏيهي کاتي موجب پاڪستان طرفان تهران سان اڳ ئي ايراني پرڏيهي وزرات ۾ لاڳاپيل سينيئر عهديدار وٽ سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو آهي.
ان کانسواءِ ايراني ناظم الامور کي به پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪيو ويو آهي ته جيئن پاڪتسان جي خود مختياري جي ڀڃڪڙي جي مذمت ڪئي وڃي.
واضح رهي ته ايراني سيڪيورٽي فورسز طرفان پاڪستان جي فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪندي بلوچستان ۾ ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا ويا هئا.
ايراني سرڪاري ٽي وي جي خبر ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته ايراني سيڪيورٽي فورسز طرفان پاڪستان جي صوبي بلوچستان ۾ جيش العدل نالي تنظيم جي ٻن ٺڪاڻن تي ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.