پاڪستان جو ايران مان پنهنجي سفير کي واپس گهرائڻ ۽ ايراني سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ايران مان پنهنجو سفير گهرائڻ ۽ ايراني سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته بلوچستان تي ايراني حملي تي پاڪستان اسلام آباد ۾ ايراني سفير کي واپس وڃڻ جو چيو آهي.
هن چيو ته ايران طرفان پاڪستان جي خود مختياري جي ڀڃڪڙي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، ايران جو اهو قدم يو اين چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جي ڀڃڪڙي آهي، اهو غير قانوني عمل مڪمل طور تي قبولڻ جوڳو ناهي.
سندس چوڻ هو ته ايران جي ان قدم جو ڪو جواز ناهي، پاڪستان اهڙن غير قانوني قدمن جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو، نتيجن جي ذميواري مڪمل طور ايران تي لاڳو هوندي، اسان اهو پيغام ايراني حڪومت تائين پهچائي ڇڏيو آهي.
ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان ايران مان پنهنجو سفير واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ايراني حڪومت کي پاڪستاني سفير واپس گهرائڻ کان آگاهه ڪيو آهي، پاڪستان لاءِ ايراني سفير جيڪو هن وقت تهران ۾ موجود آهي، ان کي ايران مان في الحال واپس اچڻ جو چيو آهي.
پرڏيهي ترجمان چيو ته ايران سان سمورن اعليٰ سطحي دورن کي به معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ جاري يا طئي ٿيل دورا به معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.