بلوچستان ۾ حملو، چين جو اهم بيان اچي ويو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ ايران طرفان ٿيندڙ حملي تي چين جي پرڏيهي وزارت جو بيان سامهون آيو آهي.
گذريل ڏينهن ايراني فورسز پاڪستان جي فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪندي بلوچستان ۾ ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا هئا.
ان تي پاڪستان سخت ردعمل جو اظهار ڪندي ايران مان پنهنجو سفير واپس گهرائڻ ۽ ايراني سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ان معاملي تي چين جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻنهي ملڪن کي صبر کان ڪم وٺڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.
چيني پرڏيهي وزارت چيو آهي ته ڌرين کان ڇڪتاڻ ۾ واڌ جو سبب بڻجندڙ قدمن کان پاسو ڪرڻ جو مطالبو ڪيون ٿا، امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ ٻئي ملڪ گڏجي ڪم ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.