نوجوان جو روپ ڌاري شادي ڪندڙ عورت گرفتار

ميرپور (ويب ڊيسڪ) نوجوان جو روپ ڌاري پاڪستاني اچي شادي لاءِ ڇوڪريون ڳولڻ بعد کين پرڏيهه وٺي وڃي وڪرو ڪندڙ پرڏيهي ڇوڪري کي ميرپور آزاد ڪشمير مان گرفتار ڪيو ويو.
جاچ دوران انڪشاف ٿيو ته جوابدار نوجوان جو روپ ڌاري پاڪستان ايندي هئي ۽ شادي ڪري ڪنوار کي پرڏيهه وٺي وڃي وڪرو ڪري ڇڏيندي هئي، متاثر خاندان پوليس کي درخواست ڏني هئي جنهن تي ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ گرفتاري عمل ۾ آئي.
ڪيس ۾ متاثر خاندان جي سربراهه محمد رمضان چيو ته جوابدار نرگس شعبان جي نالي سان پنهنجي سڃاڻپ بڻائي هئي ۽ هن جو ڇوڪرو ٿي رشتو گھرڻ، نڪاح کان پوءِ ڌيءَ جي ويزا لڳرائي رستي دبئي کان فرانس موڪليو جتي خبر پئي ته گھوٽ ڇوڪرو نه ڇوڪري آهي.
ڇوڪريءَ جي پيءُ وڌيڪ ٻڌايو ته ڌيءَ تي گروهه تشدد ڪيو ۽ ڪيترن ئي هنڌن تي وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، فريادي محمد رمضان موجب فرانس ۾ ڏکيائي سان ڌيءَ کي محفوظ هنڌ ڏانهن منتقل ڪيو آهي.

Mirpur Police arrests a foreigner girl Nargis Iqbal who sells Pakistani  girls abroad after marrying them while becoming a boy in Pak -
نرگس پنهنجو شڪار ڳولا ٻيهر ڪشمير پهتي هئي ته متاث خاندان کيس سڃاڻي ورتو ۽ پوليس کي شڪار ڪري کيس گرفتار ڪرائي ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.