اليڪشن ڪميشن چونڊن ۾ دير جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) واضح ڪيو آهي ته مختلف تڪن ۾ مختلف فورمز تان چونڊ نشان جي تبديلي سبب انهن تڪن ۾ چونڊ عمل متاثر ٿي سگهي ٿو.
اليڪشن ڪميشن ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب چونڊ نشان الاٽ ٿيڻ کانپوءِ مختلف فورمز تان چونڊ نشان تبديل ڪيا پيا وڃن.
اليڪشن ڪميشن چونڊ نشانن جي الاٽمينٽ کانپوءِ ٽنهي پرنٽنگ ڪارپوريشنز کي بيلٽ پيپرن جي ڇپائي جو آرڊر ڏئي ڇڏيو آهي ۽ پرنٽنگ جو ڪم شروع ٿي ويو آهي.
جيڪڏهن ائين ئي چونڊ نشانن جي تبديلي جو عمل جاري رهيو ته جتي هڪ پاسي چونڊن ۾ دير جو خدشو پيدا ٿيندو، اتي ئي بيلٽ پيپر ٻيهر پرنٽ ڪرائڻا پوندا، جنهن لاءِ اڳ ئي وقت محدود آهي، جڏهن ته جيڪو اسپيشل ڪاغذ بيلٽ پيپرن لاءِ موجود آهي، اهو به ضايع ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.