دنيا جي 5 اميرن جي دولت ٻيڻي، 5 ارب ماڻهو وڌيڪ غريب ٿي ويا: رپورٽ

گذريل ٽن سالن ۾ 5 امير ماڻهن جي دولت ٻيڻي جڏهن ته 5ارب ماڻهو وڌيڪ غريب ٿيندا ويا.
غربت جي خاتمي لاءِ ڪم ڪندڙ برطانوي اداري آڪسفيم جي جاري ڪيل سالياني رپورٽ موجب دنيا جي پنجن اميرن جي گڏيل آمدني گذريل 3 سالن جي هر ڪلاڪ ۾ هڪ ڪروڙ چاليهه لک ڊالرز وڌي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته دنيا جو عوام جنگين ۽ وبائن سبب مهانگائيءَ جي زلزلن جي وڪڙ ۾ آهن، جڏهن ته ارب پتين جو ناڻو وڌندو پيو وڃي. دنيا جون حڪومتون ارب پتين جي ساليانو هڪ کرب اٺ ارب ڊالرز ويلٿ ٽيڪس لڳائي ۽ چيف ايگزيڪٽو آفيسرن جي آمدني تي نظر رکي.
آڪسفيم پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب دنياجي 5 اميرن ۾ فرينچ ڪمپني لوئي ويتون جو چيف ايگزيڪٽو آفيسر برنارڊ آرنالٽ، ايمازون جو سربراهه جيف بيزوس، سيڙپڪار وارن بفي، اوريڪل جي ليري ايليسن ۽ ٽيسلا جو ايلون مسڪ شامل آهن.
سندن گڏيل آمدني 405 ارب ڊالرز کان وڌي 869 ارب ڊالرز ٿي وئي آهي.
آڪسفيم جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته دولت جي غير منصفاڻي ورڇ جاري رهي ته دنيا پهريون کرب پتي 2034 تائين ڏسي وٺندي جڏهن ته غربت ايندڙ 229 سال ختم نه ٿيندي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته دنيا جو ارب پتي ڪلاس يقيني بڻائيندو آهي ته انهن جي ڪارپوريشن ٻين جي محنت جي ڪري خزانو ڳيهنديون رهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.