گوگل پاڪستان ۾ چونڊن بابت سرچ ٽرينڊ جاري ڪري ڇڏيو

8 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ عام چونڊن سبب پاڪستانين جو وڏو انگ سياسي جماعتن، اُنهن جي نامزد اميدوارن ۽ ٻين لاڳاپيل موضوعن بابت آن لائين ڄاڻ ڳوليندا ته جيئن کين چونڊ عمل ۾ مدد ملي سگھي.
ميڊيا ۽ عوام کي ان ڊيٽا تائين سولي پهچ جي غرض سان گوگل ”گوگل ٽرينڊز پاڪستان جنرل اليڪشن (Google Trends Pakistan General Election)جي نالي سان هڪ صفحو متعارف ڪرايو آهي جيڪو چونڊن ۾ حصو وٺندڙ جماعتن بابت سوالن، موضوعن ۽ دلچسپين جي حوالي سان ڄاڻ پيش ڪندو آهي.
ان صفحي تي ملڪ جي هر حصي ۾ چونڊن جي حوالي سان ڳوليا ويندڙ ٽاپ موضوع مثال طور تي معيشت، ٽيڪس ۽ اُجورن بابت انگ اکر شامل آهن.
گوگل ٽرينڊز پيج جي سڀني چارٽس کي ڪنهن به ويب سائيٽ تي شامل ڪري سگھجي ٿو جتي اهي پاڻمرادو اپ ڊيٽ به ٿيندا رهندا.
واضح رهي ته گوگل ٽرينڊز پاران پاڪستان ۾ متعارف ڪرايو اهو صفحو عام چونڊن جي حوالي سان ڪنهن قسم جي سروي نه آهي ۽ نه ئي ووٽنگ بابت رجحانن کي ظاهر ڪندو آهي.
اِهو صفحو رڳو وقت گذرڻ سان گڏ مقامي سطح تي مخصوص موضوعن بابت ۾ ماڻهن جي دلچسپي ۽ ڳولا کي ظاهر ڪندو آهي. ڪنهن خاص سوال ۾ اضافو، ان جي نشاندهي نٿهو ته ڪري ته ڪا سياسي جماعت ڪنهن به معنن ۾ وڌيڪ مشهور آهي يا کٽي رهي آهي.
رجحانن جي صفحي کي وڌ کان وڌ ڪم جو بڻائڻ ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ گوگل نيوز اينسي ايٽو ويب سائيٽ (Google News Initiative’s Website) وزٽ ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.