ريحام خان جو آصف زرداري کي نِوڙي سلام، سندس تعريفون ڪرڻ لڳي

عمران خان جي اڳوڻي گهرواري ريحام خان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي شخصيت جي تعريف ڪرڻ لڳي.
سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل آهي، جنهن ۾ ريحام خان هڪ شادي جي تقريب دوران آصف زرداري سان ملاقات ڪري رهي آهي.
اها تقريب اڳوڻي وزير فيصل واوڊا جي ڌيءَ جي شادي جي هئي، جنهن ۾ آصف زرداري، صادق سنجراڻي سميت ڪيترين ئي شخصيتن شرڪت ڪئي.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته آصف زرداري جي اچڻ تي اتي موجود ماڻهو ساڻس هٿ ملائي رهيا آهن، ان دوران ريحام خان به اڳوڻي صدر سامهون ادب واري انداز ۾ نِوڙي سلام ڪيو.
ايڪس تي هڪ پوسٽ کي ري پوسٽ ڪندي ريحام ان وڊيو ۾ ڪيپشن لکيو ته ”زرداري صاحب انتهائي شائسته ۽ فطري طور تي خوشگوار مزاج جو مالڪ آهي“.
هن چيو ته ان ۾ ڪا تعجب جي ڳالهه ناهي ته بختاور، بلاول ۽ آصفه ايتري خوبصورت ادب جا مالڪ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.