”سنڌ جو رت چوسيندڙن کي چوٿون ڀيرو مڙهيو ويو ته ترقي جو خواب پورو نه ٿيندو“

لاهور (ويب ڊيسڪ) عام چونڊون ويجهو ايندي ئي سياسي مخالفن طرفان هڪٻئي تي لفظي گولا باري جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي.
ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته سنڌ جو رت چوسيندڙن کي چوٿون ڀيرو مڙهيو ويو ته ترقي جو خواب پورو نه ٿيندو.
واضح رهي ته بلاول ڀٽو زرداري نئين ديري ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو هو ته هڪ شخص کي چوٿون ڀيرو مڙهيو ويو ته عوام کي نقصان ٿيندو.
خواجا سعد رفيق وڌيڪ چيو ته اسان ڀرپور عوامي رابطا مهم هلائي رهيا آهيون، عمران نيازي پنهنجي انتقامي سياست جو مزو چکي رهيو آهي، ڪاش هو جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش نه ڪري ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.