ڪرينا ڪپور جي لکين روپين جي شرٽ مذاق بڻجي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور پنهنجي ڊريسنگ سان مداحن ۾ خاص مقام رکي ٿي پر ڪڏهن ڪڏهن اهي برانڊڊ ۽ قيمتي ڪپڙا به مداحن جي اکين کي ناهن وڻندا.
اڪثر سوشل ميڊيا تي اداڪارن جي ڊريسنگ تي تنقيد ٿيندي آهي ۽ ائين ئي ڪرينا ڪپور سان گڏ ٿيو.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب ڪرينا ڪپور کي ٻه ڏينهن اڳ ائيرپورٽ تي مهانگي ترين برانڊ جي شرٽ ۽ ڊينم جينز پهرين ڏسي سگھجي ٿي، ڪرينا ڪپور کي knitted-vest layered اسٽائل شرٽ ۾ ڏٺو ويو هو جنهن جي قيمت هڪ لک 17 هزار روپيا (تقريبن 4 لک پاڪستاني روپيا) آهي، مهانگي شرٽ پهرڻ بابوجود به ڪرينا مداحن جي تنقيد جي وڪڙو ۾ اچي وئي.
اداڪارا جي وڊيو پوسٽ ڪرڻ بعد مداحن پاران انهن کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
هڪ واهپيدار شرٽ تي تبصرو ڪندي لکيو ته ان کي ته ڪوئا کائي ويا آهن، ٻين لکيو ته ان کي چئبو آهي پئسي جو زيان.
هڪ واهپيدار اداڪارا جي مهانگي ترين شرٽ جي قيمت کي نظر ۾ رکندي چيو ته کان سٺي شرٽ ته 500 روپين ۾ اچي ويندي آهي، جيڪڏهن ان تي هيرو لڳل هجي ته ڳالهه ٺهي ٿي.
هڪ واهپيدار ڪرينا جي شرٽ اسٽائل تي تقنيد ڪندي تبصرو ڪيو ته اهڙا ڪپڙا ته هتي مينهن جي ڦر کي ٿڌ کان بچائڻ پارائيندا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.