نيوزيلينڊ خلاف ٽين ٽي ٽوئنٽي ميچ لاءِ قومي ٽيم ۾ 3 تبديليون

ڊونيڊن (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ خلاف ٽين ٽي ٽوئنٽي ميچ لاءِ پاڪستان جي پليئنگ اليون جو اعلان ڪيو ويو، جنهن ۾ 3 تبديليون ڪيون ويون آهن.
پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽين ميچ سڀاڻي ڊونيڊن ۾ کيڏي ويندي، سيريز ۾ نيوزيلينڊ کي 0-2 جي سرسي حاصل آهي.
پاڪستان طرفان ايندڙ ميچ لاءِ پليئنگ اليون جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن مان اسامه مير، عامر جمال ۽ عباس آفريدي کي ڊراپ ڪيو ويو آهي.
انهن ٽنهي جي جاءِ تي محمد نواز، وسيم جونيئر ۽ زمان خان کي شامل ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته عباس آفريدي پيٽ جي مسل ۾ اسٽرين سبب ميچ کان ٻاهر ٿيو آهي، هن ڪيويز خلاف پهرين ميچ ۾ 3 ۽ ٻي ميچ ۾ 2 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.