سَس ۽ نُنهن جو جهيڙو سپريم ڪورٽ پهچي ويو، چيف جسٽس طرفان سَس جي اپيل خارج

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سَس ۽ نُنهن ۾ جهيڙي جو معاملو سپريم ڪورٽ پهچي ويو، جنهن ۾ چيف جسٽس سَس جي اپيل خارج ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ ۾ صبيحه خانم اڳوڻي نُنهن سعديه کي 10 تولا سون ڏيڻ جي حڪم خلاف اپيل داخل ڪئي هئي، جنهن تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سوال ڪيو ته ان ڪيس ۾ ٻنهي پاسن کان عورتون ڇو آهن؟ سس جو ان ڪيس سان ڪهڙو واسطو؟ ان تي وڪيل ذوالفقار نقوي چيو ته اهو جهيڙو سَس ۽ ننهن وچ ۾ آهي، تڪرار به 10 تولا سون جو آهي.
چيف جسٽس پڇيو ته ڇا ننهن جي طلاق ٿي چڪي آهي، حق مهر ڪيترو آهي؟ ان تي سس جي وڪيل چيو ته ها طلاق ٿي چڪي آهي ۽ 3 ٻار به آهن، ٻه هزار رپيا حق مهر هو.
ان تي چيف جسٽس چيو ته 3 ٻارن جي ماءُ کي 10 تولا سون ڏيڻ ۾ ڪهڙو مسئلو آهي.
پوءِ عدالت 10 تولا سون ڏيڻ خلاف سس جي اپيل خارج ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.