نواز ليگ مخالفن کي پچ کان ٻاهر ڪري اڪيلو کيڏڻ چاهي ٿي: بلاول

قمبر/شهدادڪوٽ/لاڙڪاڻو (نمائندن وٽان) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته چونڊون ويجهو آهن ۽ اسان سازشن کي ناڪام ڪري عوام سان گڏجي وفاق ۾ حڪومت ٺاهينداسين، قمبر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو  ته چونڊون نه ٿيڻ جي غلط فهمي رکندڙن کي نقصان ٿيندو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو هو ته 8 فيبروري تي چونڊون پٿر تي ليڪو آهي ۽ هاڻ اسان کي چونڊون تمام ويجهو نظر اچي رهيون آهن،هن چيو ته اسان جي چونڊ مهم گهڻي عرصي کان جاري آهي ۽ پ پ معاشي معاهدو عوام سامهون رکي ان جو ساٿ گهريو آهي، هاڻ تير ۽ شينهن جو مقابلو آهي، اچو اسان جو ساٿ ڏيو، پ پ ن ليگ جو ڄمي مقابلو ڪندي.سندس چوڻ هو ته پراڻا سياستدان نفرت ۽ ورهاست جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، جڏهن ته پ پ اها اڪيلي جماعت آهي، جيڪا عوام تي اعتماد ڪري ٿي، عوام نئين سياست ۽ نئين سوچ جو ساٿ ڏئي،هن چيو ته ن ليگ هاڻ جمهوري جماعت ناهي رهي، اها مقابلو نه مخالفن کي پچ آئوٽ ڪرڻ چاهي ٿي ۽ اڪيلي ميدان ۾ کيڏڻ چاهي ٿي،مسلم ليگ(ن) جي دٻاءُ تي اسان جي اميدوارن کي تير جو نشان نه پيو ڏنو وڃي،هوڏانهن بلاول ڀٽو زرداري فريال ٽالپر سان گڏ ڳڙهي خدا بخش جي شهداءِ جمهوريت جي مزارن تي حاضري ڀري بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.