سميرا ملڪ ٽڪيٽ نه ملڻ تي پارٽي ۽ عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ سميرا ملڪ ٽڪيٽ نه ملڻ تي مسلم ليگ ن پنجاب  جي نائب صدر جي عهدي سميت پارٽي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ذريعن موجب سميرا ملڪ خوشاب جي تڪ اين اي 87 تان پارٽي ٽڪيٽ نه ملڻ تي مسلم ليگ ن جي پارٽي رڪنيت ۽ عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب سميرا ملڪ اين اي 87 خوشاب مان مسلم ليگ ن جي پارٽي ٽڪيٽ نه ملڻ تي ناراض هئي. ٻئي پاسي سميرا ملڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ن ليگ نظرانداز ڪيو، ان ڪري سميرا ملڪ پاڪستان استحڪام پارٽي جي اميدوارن جي حمايت ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.