اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندڙن سان هر هنڌ ايڪتا، وڍ ۾ عوامي سمنڊ اٿلي پيو

 خضدار(ع آ نيوز) اسلام آباد ۾ بلوچ خاندان جي لانگ مارچ جي جاري ڌرڻي سان يڪجهتي لاءِ ماڻهن جو وڏو انگ واهه پهچي ويو. ان سلسلي ۾ هڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. بلوچ اتحاد ڪميٽي پاران سڏايل  احتجاجي ريلي ۾ عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي مقررين چيو ته اڄ عوام جو سمنڊ رياست کان بلوچ نسل ڪشي ۽ عدالت کان مٿاهين قتل خلاف انصاف جو مطالبو ڪري رهيو آهي. مقررين مطالبو ڪيو ته اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندڙ  بلوچن جي لانگ مارچ واري ڌرڻي جا مطالبا منظور ڪري بلوچستان ۾ امن امان قائم ڪيو وڃي.  هوڏانهن اسلام آباد ۾ احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ بلوچ نياڻي ماهه رنگ بلوچ چيو آهي ته خضدار ۽ وڍ جا ماڻهو گذريل ڏهاڪن کان رياستي ڊيٿ اسڪواڊ جي جبر جي اونداهي هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن، جتي نه جان ۽ نه عزت محفوظ آهي. پر هن عوامي تحريڪ ۾ ظلم ۽ جبر خلاف هڪ اميد ۽ همت پيدا ڪئي آهي ۽ اها عوامي تحريڪ خضدار سميت سڄي بلوچستان ۾ ظلم ۽ جبر جي خاتمي تائين جاري رهندي. وڍ ۽ خضدار ۾ ٿيندڙ مزاحمتي عوامي ميڙ عوام جي انقلاب جي خوشخبري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.