نواز شريف معاشي ماهرن سان ويهي مهانگائي مان ڇوٽڪاري جو منصوبو جوڙي ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ عوام کي مهانگائي مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ معاشي منصوبي کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي.
لاهور ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ قائد نواز شريف جو معاشي ماهرن سان اهم مشاورتي اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ شهباز شريف به شريڪ ٿيو، جتي ملڪي معاشي مسئلن جي حل لاءِ سڌارن ۽ تجويزن تي غور ٿيو.
ترجمان موجب اجلاس ۾ عوام کي مهانگائي مان ڇوٽڪارو ڏيڻ لاءِ معاشي منصوبي کي حتمي شڪل ڏني وئي.
ترجمان ٻڌايو ته اجلاس ۾ توانائي بحران جي خاتمي، بجلي ۽ گئس جي اگهن ۾ گهٽتائي جا نڪتا طئي ٿيا، ٽيڪس سڌارن، زراعت، صنعت ۽ آءِ ٽي جي ترقي لاءِ مراعتن تي ٻڌل پيڪيج تيار ڪيو ويو، روزگار جي فراهمي ۽ نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ پاليسي نڪتا جوڙيا ويا.
ترجمان چيو ته زراعت لاءِ خاص رعايت تي شمسي توانائي ۾ مراعتن جو به پيڪيج شامل آهي، گهريلو واهپيدارن کي بجلي جي فراهمي لاءِ وڏين مراعتن جو پيڪيج به شامل ڪيو ويو، تعليم، صحت ۽ انفرا اسٽرڪچر لاءِ وڏن منصوبن جون ترجيحون به طئي ڪيون ويون.
ترجمان موجب اجلاس ۾ مجموعي معاشي سرگرمين کي مرحلي وار وڌائڻ تي اتفاق ٿيو، معاشي منصوبو ماهرن جي تجويزن جي روشني ۾ طئي ڪيو ويو، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي، صنعتن ۽ برآمدي شعبن لاءِ سڌارن جا اصول به طئي ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.