اسان جي جسم ۾ قديم انسانن جي اهم نشاني ڪهڙي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اوهان ان ڳالهه تي اڪثر ويچاريو هوندو ته اوهان جي هٿ جي هڪ مخصوص حرڪت سان ڪارائي تي هڪ رڳ اُڀري ايندي آهي، ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته اها رڳ ڪهڙي ڪم لاءِ آهي؟

اوهان جي ٻانهن ۾ اها رڳ موجود آهي يا نه، اهو ڄاڻڻ لاءِ برابري واري سطح تي پنهنجي هٿ کي پٺيرو ڪري رکو. هاڻ هٿ جي آڱوٺي ۽ ننڍي آڱرين کي گڏايو، اوهان جي ڪارائي تي اها رڳ اُڀري ايندي.  ان رڳ کي پيلميرس لونگس چيو ويندو آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪارائي جو اهو حصو اسان جي ابن ڏاڏن لاءِ فائديمند هو جيڪو کين وڻن تي چڙهڻ ۾ مدد ڏيندو هو.  نسلن جي شروعات کانپوءِ به ابن ڏاڏن جي اها نشاني اسان جي جسم ۾ موجود آهي باوجود ان جي ته ان جو استعمال ختم ٿي ويو آهي ۽ ها جيڪڏهن اوهان جي ڪارائي تي اها رڳ موجود ناهي ته پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي.

دنيا جي 14 سيڪڙو ماڻهن ۾ هاڻ اهو حصو موجود ناهي ۽ هوريان هوريان سڀئي جديد انسان ان رڳ کان محروم ٿي ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.