پاڪستان کي هر جاءِ تي ناڪاري انداز ۾ پيش ڪيو ويندو آهي: عائشه عمر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا عائشا عمر چيو آهي ته پاڪستانين کي هر جاءِ تي ناڪاري انداز ۾ پيش ڪيو ويندو آهي.
هڪ تازي انٽرويو ۾ اداڪارا پنهنجي نئين فلم ”ڍائي چال“جي ڪردار، شوبز ڪيريئر ۽ ٻين موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.
عائشه عمر جو چوڻ هو ته عالمي ميڊيا ۽ سئنيما انڊسٽري ۾ پاڪستانين کي سدائين ناڪاري انداز ۾ پيش ڪيو ويندو آهي ۽ اسان کي ان تي سچ سامهون آڻڻ گھرجي.
هن چيو ته سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته اسان ماڻهن کي سچائي ٻڌايون، دنيا کي نه رڳو اسان جو بيانيو غلط ٻڌايو ويندو آهي پر اُهي مسلمانن کي به غلط پيش ڪندا آهن.
اداڪارا جو چوڻ هو ته اسان کي ميڊيا ۽ سينيما ۾ هڪ متبادل هڪ متبادل بيانيو پيش ڪرڻ گھرجي ۽ پوءِ ماڻهن تي اهو فيصلو ڇڏي ڏيڻ گھرجي ته اُهي ڪنهن بابت ڪهڙو فيصلو ڪن ٿا.
ڄاڻايل فلم ۾ صحافڻ جو ڪردار ادا ڪرڻ تي اداڪارا جو چوڻ هو ته هوءَ ماضيءَ ۾ پاڻ به صحافت ڪري چڪي آهي ان ڪري هن ان ڪردار کي گھڻو انجواءِ ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.