پاڪستان مان 182 ٽن خشڪ مرچن جي پهرين کيپ چين پهچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مان 182 ٽن خشڪ مرچن جي پهرين کيپ چين پهچي وئي.
سرڪاري خابرو اداري اي پي پي موجب پاڪستاني خشڪ مرچن جي پهرين کيپ چين جي شهر نيجيانگ پهچڻ تي تقريب ٿي، جنهن کي خطاب ڪندي پاڪستاني سفير خليل هاشمي چيو ته اها اهم برآمدي کيپ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري لاڳاپن ۾ هڪ نئين بابت جي شروعات آهي، جنهن سان اقتصادي سهڪار ۾ واڌ جو رستو کلندو.
هن چيو ته پاڪستان پنهنجي ذائقي ۽ خوشبودار مصالحن لاءِ سڃاتو ويندو آهي ۽ ڊگهي عرصي کان خشڪ مرچن جو وڏو برآمد ڪندڙ ملڪ آهي، ملڪ جون منفرد موسمي حالتون ۽ زرخيز مٽي انهن ڳاڙهن مرچن جي پوکي لاءِ بهترين ماحول فراهم ڪري ٿي.
سندس چوڻ هو ته خشڪ مرچن جي کيپ سان چيني واهپيدارن کي پاڪستاني ذائقن جو تجربو ڪرڻ جو موقعو ملندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.