ڀارت ۾ هندو نوجوان سان دوستي تي مسلمان ناري سان اجتماعي زيادتي

ڪرناٽڪا (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪرناٽڪا جي ضلعي هيويري جي هڪ هوٽل ۾ مبينا طور تي پنهنجي هندو دوست سان گڏ موجود مسلمان ناريءَ کي 7 ڄڻن تشدد کان پوءِ اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب مسلمان ناريءَ کي مبينا طور تي هندو شخص سان دوستي سبب نشانو بڻايو ويو ۽ اهو واقعو 7 جنوري تي پيش آيو هو پر ان وقت سامهون آيو جڏهن متاثرن پوليس کي شڪايت ڪئي ۽ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو.
سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو به گردش ڪري رهي آهي، جنهن ۾ انهن ئي جوابدارن کي هڪ ٻي عورت کي تشدد جو نشانو بڻائيندي ڏسي سگھجي ٿو.
هوٽل جي اندر تشدد جو نشانو بڻيل عورت ٻڌايو ته جوابدارن کيس ڪمري مان گهلي ٻاهر ڪڍيو ۽ درياهه ويجهو وٺي وڃي کيس گينگ ريپ جو نشانو بڻايو ويو جنهن کان پوءِ ڪار ۾ واپس شهر کڻي آيا ۽ ان دوران گاڏي جي ڊرائيور به هن سان زيادتي ڪئي.
عورت ٻڌايو ته جوابدارن شهر ۾ کيس روڊ تي بي يارومددگار ڇڏي ڏنو، سمورن جوابدارن نالا خبر ناهن پئجي سگھيا پر هڪ جوابدار جو نالو آفتاب ورتو پيو وڃي.
متاثر عورت جو چوڻ هو ته جيڪڏهن جوابدارن کي منهنجي سامهون آندو ويو ته هوءَ کين سڃاڻي سگھي ٿي، وڊيو ۾ هنن جون شڪليون واضح طور تي نظر اچي رهيون آهن، جنهن ۾ اهي سمورا ماڻهو شامل آهن جن هن جو ريپ ڪيو، هن جوابدارن کي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.
ضلعي هويري جي پوليس سپرنٽينڊنٽ انشو ڪمار ٻڌايو ته عورت کي مئجسٽريٽ آڏو پيش ڪرڻ بعد مبينا گينگ ريپ جو بيان ڪوڊ آف ڪرمنل پروسيجر جي سيڪشن 164 تحت رڪارڊ ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.