50 سالن کان روز برگر کائيندڙ شهري رڪارڊ قائم ڪري ورتو

واشنگٽن ڊي سي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي شهري 50 سان کان وڌيڪ عرصي کان روز برگر کائي سڀ کان وڌيڪ برگر کائڻ جو نئون گنيز ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب آمريڪي رياست وسڪونسن سان واسطو رکندڙ 70 ورهين جي شهري ڊونلڊ گورسڪي 17 مئي 1972ع تي بگ ميڪ برگر کائڻ شروع ڪيا ۽ ان کان پوءِ هو گذريل 5 ڏهاڪن کان گھٽ ۾ گھٽ هڪ برگر روز کائي رهيو آهي.
گنيز رولڊ رڪارڊ اختيارين ٻڌايو آهي ته گورسڪي 2018ع ۾ 30 هزار برگر کائڻ جي حد ٽپي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.