مٽياري (ويب ڊيسڪ) مٽياري ۾ 8 ورهين جي ٻارڙي سان جنسي ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو.
گذريل ڏينهن نينگري جي پيءُ ديدار شيخ ۽ سندس زال بختاور جوابدار روشن خلاف دانهيو هو.
واقعي جو ايس ايس پي نوٽيس ورتو هو جنهن کانپوءِ پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
متاثر نينگري جو ميڊيڪل پڻ ڪرايو ويو آهي جڏهن ته ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.