فوٽوگرافر چنڊ جي خوبصورت تصوير ڪڍي ناسا کي به حيران ڪري ڇڏيو

روم (ويب ڊيسڪ) اٽلي جي فوٽوگرافر چنڊن جي اهڙي تصوير ڪڍي جو آمريڪا جي خلائقي تحقيقي اداري ناسا جو ڌيان به پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو.
پرڏيهي ميڊيا موجب اٽلي جي شهر ٽيورن سان واسطو رکندڙ فوٽوگرافر جو نالو ويليريو ميناٽو آهي جنهن پنهنجي فوٽوگرافي جي هنر سان ناسان کي به حيران ڪري ڇڏيو.
ميڊيا رپورٽس موجب فوٽوگرافر اها تصوير چنڊ جي ڪڍي جنهن سان اٽلي ۽ فرانس وچ ۾ جابلو خطي ڪوٽيان الپس جي سڀ کان اونچي جبل مون ويزو جي چوٽي ڪيمرا جي اک ۾ محفوظ ٿي وئي.
سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ ان تصوير ۾ چنڊ جبل جي چوٽي مان نڪري رهيو آهي جيڪو ڏسڻ ۾ خوبصورت منظر پيش ڪري رهيو آهي.
فوٽوگرافر پاران ان تصوير کي گذريل مهيني 15 ڊسمبر تي ڪڍيو ويو هو ته جنهن آمريڪي خلائي اداري ناسان جو ڌيان ڇڪي ورتو ۽ ان کي فلڪيات جي بهترين تصوير قرار ڏنو ويو.
فوٽوگرافر ان تصوير کي پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي به شيئر ڪيو ۽ ان تصوير جي خاص هجڻ جو سبب ٻڌايو ته ان کي سينيريا چونڊ چوندا آهن.
فوٽوگرافر ٻڌايو ته قمري چڪر جي پهرين ۽ آخري مرحلي دوران سجي جي روشني جڏهن زمين کان چنڊ ڏانهن پوندي آهي ته چنڊ جي سطح کي روشن ڪري ڇڏيندي آهي.
سوشل ميڊيا واهپيدارن پاران چنڊ جي ان تصوير جي تعريب ڪندي فوٽوگرافر جي ان هنر کي ساراهيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.