ڪنڌڪوٽ: ڦر ڪوشش تان مزدا ڊرائيور ٽن ڦورن کي چيڀاٽي ڇڏيو

ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ڪنڌڪوٽ جي علائقي تنگواڻي ۾ ڦر جي ڪوشش دوران مزدا ڊرائيور ٽن ڦورن کي چيڀاٽي ڇڏيو جن مان ٻه فوت جڏهن ته ٽيون زخمي ٿي پيو.

پوليس واقعي جي تصديق ڪندي چيو ته ڦورو ڦرلٽ ڪري رهيا هئا ته ان دوران هنن وين مان ڦر جي ڪوشش ڪئي.

ڦرلٽ دوران هڪ مزدا ڊرائيور ڦورن کي ٽڪر هڻي چيڀاٽي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڦورو مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب ڦورو ساٿين جا لاش ۽ زخمين کي پاڻ سان کڻي فرار ٿي ويا.

پوليس موجب وين ڪلٽي ٿيڻ بعد وين ڊرائيور به فرار ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.