مومنه اقبال طلاقن جي وڌندڙ شرح تي لڙڪ لاڙي ويٺي

ڪيترن ئي ڊرامن ۾ نظر ايندڙ اداڪارا مومنه اقبال پاڪستان ۽ خاص طور تي شوبز ۾ طلاق جي وڌندڙ رجهان تي ڳالهائيندي پنهنجن جذبن تي ضابطو نه رکي سگھي ۽ روئي ويٺي.

مومنه اقبال خانگي ٽي وي چينل جي شو ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي جنهن ۾ هن پنهنجي ٿيندڙ ساٿي جي خاصيتن تي ڳالهايو ۽ شوبز جي جوڙن جي ڌار ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو.

شو دوران هڪ سوال جي جاوب ۾ اداڪارا پنهنجي پيءُ ماءُ جو مثال ڏيندي چيو ته هو چاهين ٿا ته هن جو ٿيندڙ مرش سندس پيءُ جيان هجي.

هن چيو ته خواهش آهي ته منهنجي پيءُ کي به ان جهڙو ئي ناٺي ملي جيڪي پنهنجي گھرواري يعني اسان جو ائين خيال رکي جيئن هو رکندو آهي ڇو جو اڄ ڪالهه طلاقن جي شرح وڌي رهي آهي.

مومنه اقبال ان حوالي سان ڳالهائيدي لڙڪ لاڙي وٺي ۽ چيائين ته جڏهن ٻن محبت ڪندڙن کي ڌار ٿيندي ڏسندي آهيان، ان سان ڪو به فرق نٿو پوي ته اهي منهنجو پنهنجو آهي يا ڪو ٻيو، اها عليحدگي منهنجي گھر ٿي يا ڪنهن ٻئي جي گھر، مون کي ڏک ٿيندو آهي.

اداڪارا چيو ته اڄ ڪالهه شوبز انڊسٽري ۾ به ڪافي طلاقون ۽ بريڪ اپ ڏسڻ ۾ آيا آهن ۽ هڪ ٻئي پٺيان ڇوڪري کي ڇوڪريءَ لاءِ ۽ ڇوڪريءَ کي ان ڇوڪري لاءِ برا لفظ چوندي ٻڌو ويندو آهي.

هن ڌار ٿيندڙ جوڙن کي درخواست ڪئي ته اوهان جو بريڪ اپ جو بريڪ اپ ٿئي يا طلاقتون ٿين ان کي سوشل ميڊيا کان پري رکو، جڏهن اوهان هڪ ٻئي بابت سوشل ميڊيا تي اچي گھٽ وڌ چوندا آهيو ته اهي به خاموش نٿا رهي سگھن جن جو ان سان ڪو واسطو ئي نه هوندو آهي، جيڪي کين سڃاڻيندا به نه هو انهن بابت اهڙا تبصرا ڪندا ڄڻ هو سڀ ڪجهه ڄاڻين ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.